Home Page of Community Self Management, Empowerment and Development Training Material for Mobilizers
.
Urdu
.
موبلائيزرز لاءِ ڪتابچو
Handbook for Mobilizers
ISBN: 92-1-131401-1
.
( حسن ناصر میربحر ) translated by Hassan Nasir Mirbahar
..
تحرير: ڊاڪٽر فل بارٽل (پي ايچ ڊي)
ترجمو: حسن ناصر ميراڻي
قدرت ڪئين ته غير مڪمل سان پيار ڪري ٿي،
ڇو جو هن کي خبر آهي ته جيڪڏهن هن سڀ ڪجھ ظاهر ڪري ڇڏيو ته هو ختم ٿي ويندي.
(ڪرسٽوفر فراءِ)

Preface:  ديباچو:

هي ڪتابچو يوگانڊا ۾ ڪميونٽي مينجمينٽ پروگرام تحت ڇهه سالا موبلائيزيشن ۽ ڪميونٽي تربيت ڪاري جو نتيجو آهي. هي پروگرام يو اين سي ايچ ايس جي طرفان يوگينڊا جي حڪومت جي ڊاريڪٽو ريٽ آف ڪميونٽي ڊولپمينٽ هلايو.

هن عرصي دوران، هن پروگرام جي ڪاميابين ۽ ناڪامين مان ڪافي سبق سکيا ويا، جن جي وسيلي، اسان ماڻهن (ڪميونٽييز) ۾ اهم طاقت ۽ حيرت انگيز لچڪ ڏٺي آهي. اسان اهي محسوس ڪيو آهي تمام ڪميونٽيز، ڀلي اهي ڪيتريون ئي غريب ڇو نه هجن، وٽ ڪيرائي وسيلا (جن مان ڪافي وسيلن جي اڃا شناخت ٿيڻي آهي) موجود آهي جن جو استعمال ڪري سڄي يوگنڊا جي ترقي عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي. هنن وسيلن کي استعمال ڪرڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ، موبلائيزيشن ۽ انتظام ڪاري جي تربيت جي ضرورت آهي.

 هي ڪتابچو (ٽن ڪتابچن مان هڪ آهي) جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته انهن اهم وسيلن کي پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيئن عمل ۾ آڻي سگهجي ٿو. هي ڪتابچو حڪومت، اين جي اوز، پروفيشنلز ۽ والينٽيئر موبلائيزرس لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. اسان دعا ٿا ڪيون ته هن ڪتابچو توهان لاءِ ڪارائتو ثابت تئي.
 

فل بارٽل، چيف ٽيڪنيل ايڊوائيزر
لبان مبيلاميوڪو، نيشنل ڪوآرڊينيٽر
يوگينڊا ڪميونٽي مينجمينٽ پروگرام (1983-1998)
 

Introduction: تعارف

ڪميونٽي جي شراڪت پنهنجو پاڻ عمل ۾ نه ايندي آهي پر انهي کي متحرڪ ۽ حوصلا افزا طريقن سان يقيني بڻائبو آهي. هي ڪتابچو انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي اها تحريڪ شروع ڪرڻ چاهن ٿا.

هي ڪتابچو ”ڪيئن ڪجي“ ڪتاب آهي جيڪو انهن ڪميونتي موبلائيزرس لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪي معاشري تبديلي آڻن چاهن ٿا ته جيئن وڌيڪ ترقي ٿي سگهي جنهن ۾ غربت گھٽجي، سٺي انتظام ڪاري هجي ۽ ڪميونتي جي مسئلن جي انتظام ڪاري لاءِ مربوط ۽ شفاف لائي عمل ملي سگهي. مختصر اهي ته ڪميونٽي کي سگهارو (empowered) بڻائي سگهجي. تنهنڪري هن ڪتاب ۾، تاريخ ۽ رپورٽن کي گھٽ ڪندي، انهن مهارتن ۽ اهم نظرين (concepts) جي سمجھاڻي تي زور ڀريو ويو آهي جيڪا سماجي ڪارڪنن لاءِ ڪافي ڪارائتا آهي.
 

Who should use this book?هي ڪتاب ڪنهن جي لاءِ آهي؟

جيتوڻيڪ هي ڪتاب بنيادي طوري تي نين موبلائيزرس لاءِ لکيو ويو آهي پر اسان پلانرز، ايڊمنسٽريٽرس ۽ مينجيرز کي به همٿائيندا سي ته هو هن ڪتاب جو مطالعو ڪن جيڪڏهن هن جي ڪم ۾ ڪميونٽي کي سگهارو بڻائڻ جو مقصد شامل آهي.

هي ٽن ڪتابچن مان پهريون ۽ اهم ڪتاب آهي. هن جي معاون ڪتابن ۾ ”مانيٽرنگ اينڊ ايووليوشن جو ڪتابچو” ۽ ”ويلٿ جينريشن جو ڪتابچو“ شامل آهي.

1. Getting Prepared:  تياري پڪڙڻ

انهيءَکان پهريان جو توهان ڪميونٽي ۾ پاڻ مرادي ترقي اڀاري سگهو، توهان کي پنهنجو پاڻ کي تيار ڪرڻ کپي. توهان کي پنهنجي مقصدن واضعي هجن تي انهن متعلق ضروري معلومات توهان وٽ هجي؛ توهان کي انهيءَ ڪميونٽي بابت ڄاڻ هجڻ گھرجي جتي توهان کي ڪم ڪرڻو آهي؛ توهان وٽ گهربل مهارتون هئڻ کپن؛ توهان کي موبلائيزيشن جي بينيادي ڳالهين متعلق ضروري سمجھ هئڻ گهرجي.

سڀ کان پهران توهان کي هڪ روزنامچو ٺاهڻ گهرجي؛ انهيءَ لاءِ اسڪولن ۾ استعمال ٿيندڙ نوٽ بڪ ڪافي آهي. شايد توهان چار مختلف نوٽ بڪ استعمال ڪرڻ چاهيو: 1) مقصد ۽ نظريا، 2) ٽارگيٽ ڪميونٽي، 3) موبلائيزيشن جون مهارتون ءَ 4) روزانه جي سرگمين جو جرنل (روزنامچو). جيئن به توهان پنهنجي نوٽ بڪ کي ترتيب ڏنو آهي ضروري ڳالهه اها آهي ته توهان انهيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. جيڪو ڪجھ توهان جي ذهن ۾ هجي انهيءَ کي ائين لکو جيئن توهان انهيءَ جا پڙهندڙ آهيو.

هن باب توهان کي انهن شين جي بابت ٻڌائيندو جيڪي توهان کي تياري پڪڙڻ ۾ مدد ڏينديون. پر اهي نه سوچيو ته هڪ دفعي جي تيار توهان کي هميشه ڪم ايندي. اسان موبلائيزرس، هن باب ۾ جن ڳالهين بابت ٻڌايو ويو آهي، انهن متعلق روز نيون شيون سکندا آهيون. هي هڪ نه ختم ٿيندڙ مرحلو آهي ۽ جيڪڏهن اسان اهوسمجھندا سين ته اسان وٽ سڀ ڪجهه آهي ته اسان ناڪام ٿي ويندا سين.
 

1.1. Know Your Goals: پنهنجا مقصد ڄاڻيو

اسان پنهنجي انتظام ڪاري جي تربيت دوران هڪ مهاورو استعمال ڪندا آهيون ته ”جيڪڏهن توهان کي خبر نه آهي ته توهان کي ڪاڏي وڃڻو آهي، ته ڪنهن به روڊ تي هلي سگهو ٿا“. هن ڳالهه جو اطلاق موبلائيزيشن جي لاءِ تياري تي به ٿئي ٿو. هيڏي هوڏي وڃڻ، ميٽنگز ڪرڻ، ايڊواڪيسي گروپس کي متحرڪ ڪرڻ، ڪميونٽي جي ڄڱڻ مائهن سان ڳالهائڻ، ليٽرين ٺاهرائڻ تمام سولو آهي پر ڪميونٽي کي مظبوط ڪرڻ جي اصل مقصد کان هٽيل ٿي سگهي ٿو.  توهان کي سڀ کان پهريان پنهنجا مقصد پاڻ تائين واضع ڪرڻا پوندا، پوءِ پيپر تي ۽ پوءِ انهن تائين جيڪا توهان سان گڏ ڪم ڪين ٿا.
 

توهان کي پنهنجي مقصد پنهنجي روزنامچي جي ”مقصد ۽ نظريا“ واري حصي ۾ لکڻ گھرجن. توهان کي هن مقصدن کي پنهنجا مقصدن سجھڻ گهرجي نه ڪي ڪنهن ٻئي جي ڪم جي ڪا فهرست سمجھن گهرجي.

ماڻهو کان ماڻهون تائين ۽ ڪميونٽي کان ڪميونٽي تائين، هڪ ڪميونٽي کي ترقي ڏيڻ لاءِ موبلائيزيشن جا مقصد مختلف ٿي سگهن ٿا. پر اهي در حقيقت ساڳا ئي جزا ٿين ٿا جھڙوڪ، غربت جو خاتمو، سٺي انتظام ڪاري، سماجي جوڙجڪ ۾ تبدلي، ڪميونٽي جي استعداد ۾ اضافو ڪرڻ، غريب ۽ ڏتڙيل طبقي کي مظبوط (سگهارو) ڪرڻ ۽ صنفي برابري شامل آهن.
 

جئين جيئن توهان اڳتي وڌاندا، هي ڪتاب پڙهندي يا موبلائيزيشن جي ڪم ۾، توهان ڏسندا ته هن مان هرهڪ مقصد تمام دلچسپ ۽ مشڪل لڳندو. پنهنجي روزنامچي کي مسقل بنيادن تي اپڊيٽ ڪيو، بهتر بڻايو ۽ سڀني مقصدن بابت وڌيڪ معلومات درج ڪيو.
 

مٿال جي طور تي، غربت جي خاتمي لاءِعملي ڪم ڪيو ٿا ته ڪافي منجھيل ۽ مشڪل ڪم آهي، پر انهي بابت لکڻ ۾ ڪائي اهڙي ڳالهه نه آهي. اسان اهو سکي رهيا آهيو ته ”غربت جي گھٽتائي“ تي اسان ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪريون ٿا ڇو جو هي صرف وقتي طور تي تڪليف ۽ درد جو خاتمو ڪري ٿي پر هي پائيدار حل نه آهي. ڇو جو غربت صرف پيسئن جي نه هئڻ کي نه چئبو آهي (توهان هن ڪتابچن بعد ۾ اها ڳالهه پڙهندا) ۽ غربت هجڻ جي وجهن تي حملو ڪرڻ جي معني آهي بيپرواهي، بيخبري، بيماري ۽ بيماني سان وڙهڻ. هي صرف هڪ مثال آهي جتي توهان کي سمجهه ۾ اڇي ٿو ته مقصد جو دارو الاهي وڏو آهي.

اهڙي ئي طرح سٺتي انتظام ڪاري (Good Governance) جو مطلب صرف مظبوط قيادت ۽ قابل انتظام ڪاري جي هئڻ مان نه آهي. شفاف عمل، ماڻهن جي شراڪت، يقين، ايمانداري، ۽ مستقبل لاءِ هڪ واضع خواب (Vision) هئن لازمي آهي. توهان وقت سان گڏ ڏسندا ته ڪميونتي جي وسلين کي استعمال ڪرڻ ۾ اتان جا قائد نه ته شفاف هوندا يا ٿيڻ چاهيندا جيستائين توهان پنهنجي سرگرمين ۾ شفافيت کان ڪم نه وٺو.
 

1.2. Know Your Target Community: پنهنجي ٽارگيٽ ڪميونٽي کي ڄاڻيو

ڪميونٽي ڊولپمينٽ ۾ اسان هڪ بيو مهاورو استعمال ڪندا آهيون: ”ڪنڀار کي پنهنجي مٽي جي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي“. توهان جي مٽي توهان جي ڪميونٽي آهي جتي توهان کي ڪم ڪرڻو آهي. توهان کي انهي کي موڙي هڪ مظبوط شيءِ جي شڪل ڏيڻي آهي. اهي ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهي ته توهان کي پنهنجي ڪميونٽي باري ۾ تمام گھني معلومات هجي (ڪميونٽي جي عام طور تي ڪهڙي فطرت آهي). توهان کي انهي جي جيتري ٿي سگھي ڪميونٽي جي سماجي جوڙجڪ، معاشي حالات، زبان، نقشو، مسئلا، سياست ۽ ايڪولاجي جي باري ۾ معلومات هجي.

توهان جي ريسرڄ صرف تعلق نه رکندڙ انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ نه هجي پر توهان ڪميونتي جي فطرت ۽ انهي جو مڪمل سماجي سرشتو(ڏسو ڪميونٽي ڇا آهيSee What is Community) سمجھڻ لاءِ گڏ ڪيل انگ اکرن جو تجزيو ڪرڻو پوندو.  سوڄيو ته مختلف شين جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي.

شروع ڪرڻ جو سٺو طريقو اهو آهي ته توهان انهن جي علائقي جو هڪ نقشو ٺاهيو. هو ڪٿي رهن ٿا؟ هنن وٽ ڪهڙيون سهولتون موجود آهن؟ (جهڙوڪ روڊ، رستا، پاڻي، ڪلينڪ، اسڪول، صفائي، مارڪيٽ ۽ ٻيو شهري سهولتون ۽ خدمتون). بعد ۾ جڏهن توهان ڪميونٽي سان ملي ڪري انهن جو هڪ جائزو (Community Situation) – ذريعا، ضرورتون، موقعا، مسئلا – ٺاهيندا ته توهان هنن کي ڪميونٽي جو نقشو ٺاهڻ ۾ مدد ڪري سگهندا. اهڙو نقشو هاڻي ٺاهڻ سان توهان کي ڪميونٽي سان ملي ڪري اها شراڪتي سرگرمي ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.

پنهنجي روزنامڄي نوٽ لکندا وڃو. ڪميونٽي جي باري ۾ مشاهدو ڪيو: سماجي جوڙجڪ، معاشيات، زبان (نون)، سياست، گڏيل قدرون، روايتون ۽ انهن جو اتان جي Physical environment سان تعلق. اها جائزو ڪندا رهو ته اهي سڀ مختلف جزا پاڻ ۾ ڪهڙو ۽ ڪيئن تعلق رکن ٿا.
 

توهان اهو سکندا ته ڪميونٽي صرف فردن جو هڪ مجمعو نه آهي پر هڪ نظام آهي جيڪو انهن فردن کان مٿاهون آهي. هڪ نظام جي حيثيت ۾ انهيءَ جا کوڙ سارا رخ آهن: ٽيڪالوجي، معاشي، سياسي، ادارتي، نظرياتي (فڪري) ۽ ادراڪي (شعور متعلق). ماڻهو ڪميونٽي ۾ اچن ثا ۽ انهيءَ مان وڃن ٿا (ڄمڻ، مرڻ يا هجرت ڪرڻ جي ڪري)، پر اهي نظام قائم ۽ دائم رهي ٿو ۽ هميشه تبديل ٿيندو رهو ٿو. توهان جي ذميواري آهي ته توهان انهيءَ نظام کي سمجھو ته جيئن توهان انهيءَ تبديل ٿيندڙ نظام کي ڪو رخ (جئين توهان جي مقصدن ۾ آهي، جن جو اسان پهريان ذڪر ڪري آيا آهيون) ڏئي سگھو

ڪافي ساريو ڳالهيو آهن جيڪي توهان پنهنجي ٽارگيٽ ڪميونٽي جي متعلق ڄاڻي سگھو ٿا ۽ توهان کي اهو عمل روڪڻ نه کپي.
 

1.3. Know the Skills You Need: ضروري مهارتن جي ڄاڻ

هڪ موبلائيزر جي حيثيت ۾ توهان کي جن مهارتن جي ضرورت آهي اهي سکڻ ڌکيون نه آهن پر اهي تمام ڪارئتيون آهن. انهن کي غلط به استعمال ڪري سگھجي ٿو. انهن مهارتن کي توهان هڪ تالن ٺاهڻ واري جي مهارتن سان ڀيٽي سگهو ٿا. هو ڪافي ڪارئتيون خدمتون سرانجام ڏيندو آهي پر اهي مهارتون تالن ڀنڄڻ ۽ چوري ڪرڻ لاءِ به ڪتب آڻي سگھجن ٿيون. جئين ئي توهان موبلائيزيشن جون مهارتون حاصل ڪيو ته انهن کي ڪميونٽي جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو نه ڪي پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي کي نقصان ۾ وجھو.

جيئن ته سڄي ڪميونٽي توهان جو ٽارگيٽ آهي، تقريبن سڀئي گھربل مهارتون جو تعلق ”پيغام رسائي“(Communication abilities) جي سگهه سان آهي. تنهنڪري توهان کي سکڻو پوندي ته هڪ مقرر ڪئين هوندي آهي پر هي ڪوئي عام مقرر نه آهي.

 هن قسم جو مقرر ٿيڻ لاءِ توهان وٽ قائدانه ۽ سهنجائي(Facilitation) وارين مهارتن جو هجڻ ضروري آهي. توهان کي سکڻو پوندو ته هڪ گروهه متعلق معلومات ڪيئن حاصل ڪجي ۽ فيصلا ڪيئن ڪرائجن. انهيءِ لاءِ توهان کي پنهنجن مقصدن جي مڪمل ڄاڻ سان گڏ ماڻهن سامهون خود اعتمادي سان ڪم وٺڻو پوندو. توهان کي تبليغ، ليڪچر ڏيڻ ۽ تقرير ڪرڻ ۾ فرق معلوم هئڻ گھرجي ۽ انهن طريقن جي استعمال کا پرهيز ڪرڻ گھرجي.

هڪ موبلائيزر جي حيثيٽ ۾ جن تڪنيڪي صلاحيتن جي توهان گھرج آهي انهن ۾ ماڻهن ۾ ڳالهائڻ، منصوبابندي ڪرڻ، انتظامي گرفت، مشاهدو ۽ تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ لکڻ جي صلاحيت شامل آهن. پاڻ سکڻ وارو اصول هنن مهارتن کي سکڻ جو بهترين ذريعو آهي. انهيءِ سان گڌ توهان کي هڪ ايماندار، مثبت، صابر، پرجوش، بردبار، متحرڪ ڪرداري وارو شخص هجڻ گھرجي.

توهان کي خبر هجڻ گھرجي ته جڏهن ماڻهو ڳالهن ٿا توهان کي ڪئين انهن کي ٻڌڻو آهي ۽ ڪيئن انهن سان ڳالهائڻ گھرجي. توهان کي اهي به معلومات هجي ته توهان کي جيڪا معلومات ملي ٿي انهيءَ جي درستگي کي ڪيئن يقيني بڻائي سگھجي ٿو. توهان کي اهو سکڻ گھرجي ته ڪا ڳالهه ڪيئڻ واضع ڪرڻي آهي انهيءِ کي ٻڌندڙن لاءِ ڪيئن دلچسپ بنائڻو آهي. توهان کي هڪ داعي وانگر تبلغ ناهي ڪرڻ، توهان کي ڪنهن سياستدان وانگر تقرير ناهي ڪرڻي ۽ نه ئي توهان کي پروفيسر وانگر ليڪڄر ڌيڻو آهي.

توهان کي سکڻو پوندو ته ماڻهن کي اجاگر ڪرڻ وقت انهن جي وچ ۾ يا سامهون ڪيئن پراعتماد ٿي بيهڻو آهي. توهان کي معلوم هجڻ گھرجي تا ماڻهن کان واقف ڪيئن ٿيڻو آهي ۽ انهن کي ڪيئن پسند ڪرڻو آهي. توهان کي اهو به سکڻ کچي ته خودپرستي، مغروري ۽ گھمنڊي کان ڪيئن پاسي ڪرڻو آهي. توهان کي اهو سکڻو پوندو ته هڪ مباحثو کي هلائڻ دوران رعبدار، آمراڻي يا طنزيه لهجي کا پاسو ڪيئن ڪرڻو آهي. توهان اهي سڀ ڳالهيون پاڻ کي سيکاريو.

توهان هي سڀ شيون ڪرڻ سان سکندا (صرف ڪتاب پڙهڻ سان نه). جيڪڏهن توهان ڪميونٽي ڊولپمينٽ جي ٽرنينگ ۾ ويا، ويٺا ۽ صرف لکت ڪم ڪري آيا آهيو ته توهان ڪنهن سٺي تربيتي پروگرام ۾ نه ويا هيا. توهان کي پهريان پنهنجي هم جماعتن جي سامهون عملي طور ڪم ڪرڻ کپي پوءِ ڪميونٽي جي مختلف گروهن جي سامهون.

جيئن توهان کي ڪميونٽي جي گروهن کي منظم ڪري انهن مان انتظامي ڪاميٽيون ٺاهڻيون آهن تنهنڪري توهان وٽ نامياتي (organizational) صلاحيتن جو هجڻ به ضروري آهي. جيئن توهان کي ڪميونٽي کي انتظامي مهارتن (management skills) جي تربيت ڏيڻي آهي تنهنڪري توهان وٽ به اهڙيون مهارتون هجڻ گھرجن. توهان وٽ منصوبابندي ڪرڻ جي مهارت هجڻ گھرجي ڇو جو توهان ڪميونٽي کي به منصوبابندي ڪرائڻي آهي. جيئن ته توهان کي ڪميونٽي کي ايماندارنه ۽ صحيح حساب ڪتاب (accounting) سيکارڻي آهي تنهنڪري توهان کي به اڪائونٽگ اچڻ گھرجي.  توهان کي نه صرف ڪميونٽي کي رپورٽ لکڻ سيکارڻي آهي پر پاڻ کي به روپورٽ لکڻي آهي تنهنڪري توهان کي رپورٽ لکڻ ۾ مهارت حاصل هجي.

توهان کي خبر هجڻ گھرجي ته هڪ نئي زبان ڪيئن جلدي سکي سگھجي ٿي ته جيئن توهان ڪميونٽي ۾ موجود مختلف زبانون جلدي سکي سگھو. (See An Aural Method to Learn an Oral Language)ڏسو ”ٻڌڻ جي حس سان ڪا زبان ڳالهائڻ ڪيئن سکجي“

تڪنيڪي مهارتن کان علاوه، توهان کي پنهنجي شخصيت ۾ انهن شين کي آڻو پوندو جيڪي هڪ ڪامياب موبلائيزر لاءِ تمام ضروري آهي. توهان جي شهرت توهان جو اهم سرمايو آهي.  جيڪڏهن توهان ايماندار، حرفتي (سياڻوdiplomat)،  سڌو، محنتي، بردبار، پرجوش، عاجز جي طور تي ڄاتا وڃن ٿا ته توهان جي اهڙي شهرت توهان کي موبلائيزيشن جي ڪم ۾ مدد ڏيندي.
..
© ڪاپي رائيٽ فل بارٽل
.
.This is the bottom of the page
Correspond with us.
African Awareness Committee of Camosun College
Link to Akan Studies
Link to Sociology Page.
. If you copy text from this site, please acknowledge the author(s) and link it back to www.cec.vcn.bc.ca
..Link to the home page of this web site
African Awareness Committee of Camosun College
Link to Sociology Page
Training Methods
The site map lists (and links to) all web pages (in English) on this site..
( This site is hosted by the Vancouver Community Network (VCN
Word and Power Point versions are available for some documents.  Write and tell us about yourself.
An aural method to learn an oral language
What is Community?
Writing Errors to Avoid
Community Strength
Poetry
CMP Strategy Evaluation
ISS Research on Community Management
Acronyms and Abreviations
..Power Point Shows
Join the Team on this Web Site
Volunteer Illustrator Needed
Volunteer Translator Needed
Volunterr Computing Needed
Writing for this Site
A Novel Way to Portray a Clock
Some Word Versions..
This is a non commercial site.  All contributions to the site are free, "pro bono" and voluntary.
..Correspond with us. Yahoo! Groups
Link to Sociology Page
Link to Akan Studies
Copyright Phil Bartle.,
If you want to be informed of new additions and changes, write and ask for routine updates.
..Phil Bartle Family
Web References for the Textbook
Updated: 2013.07.02..
Aid Workers' Network
Charity Village
United Nations Volunteers Online
The Ghana Page
Idealist dot org
Community Development Society Seattle Community Network
Yahoo! Groups
Victoria International Development Education Association Utility Documents Akan Studies  Gyenyame, Adinkra symbol.

Google

WWW ,,  ,.cec.vcn.bc.ca
Following the path of least resistance makes all rivers and some men crooked